چنڊ جهڙا پرين

چنڊ جهڙا پرين

چنڊ جهڙا پرين

چنڊ جهڙا پرين (ڪتاب): ڪافيءَ ۽ غزل جي نامور شاعر عبدالڪريم ’ڪريم پليءَ‘ جي ڪلام جو هي مجموعو، اسد جمال پليءَ جو مرتب ڪيل آهي. جنهن وڏي محنت سان سماهي مهراڻ، مهراڻ ’شاعر نمبر‘، ماهوار نئين زندگي، روح رهاڻ، پيغام، مختلف اخبارن ۽ ڪريم پليءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’وڻجارن وايون‘ ۾ ڇپيل، مرحوم جي ڊائرين، ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ٿيل ۽ مختلف فنڪارن طرفان ڳايل ڪريم پليءَ جو ڪلام هٿ ڪري هن مجموعي ۾ سهيڙي تفصيلي مقدمي سان پيش ڪيو آهي.
ڪتاب جو انتساب، ڪريم پليءَ جي سياسي سفر جي محسنن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ اُن جي نوجوان فرزند شاهنواز ڀُٽي جي نالي ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ عبدالڪريم پلي ’چند يادگيريون‘ عنوان سان عبدالغفار صديقيءَ جو هڪ تاثراتي مضمون، ۽ ’ڪريم جو فن‘ عنوان سان مولانا غلام محمد گراميءَ جو مهراڻ شاعر نمبر ۾ ڪريم پليءَ جي شاعريءَ متعلق مضمون شامل ڪيا ويا آهن.
ڪريم پليءَ جي هن مجموعي ۾ منقبتون، ڪافيون، بيت، قطعا، غزل، نظم شامل آهن. ان کان سواءِ سندس نامڪمل ڪلام ۽ شاهه لطيف (نظم)، مخدوم نوح ۽ صوفي صادق فقير بابت منظوم نذرانه عقيدت به شامل آهن.
ڊيمي سائيز، پڪي جلد ۽ چئن رنگن واري ٽائيٽل سان ڇپيل هي ڪتاب 134 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي. هي ڪتاب اداره نواءِ ادب، ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، عمرڪوٽ پاران شايع ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو